سنڌ جي سياسي تاريخ

سنڌ جي سياسي تاريخ

سنڌ جي سياسي تاريخ

سنڌ جي سياسي تاريخ (ڪتاب): هي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو جو لکيل آهي، جنهن ۾ سنڌ جي سياسي تاريخ (1843ع کان 1947ع تائين) بيان ڪئي وئي آهي. هي مسز ممتاز ڀُٽو جي پي. ايڇ. ڊي جي ٿيسز جو تحقيقي مقالو آهي. ڪتاب جو مختصر مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي، جڏهن ته ڪتاب جو تفصيلي تجـزيو ڊاڪٽر شمس سومري لکيو آهي. ڪتاب 9 بابن ۾ ورهايل آهي، پهرئين باب ۾ سنڌ جو تاريخي پسمنظر، بيهڪ، سياسي تاريخ، سنڌ ۾ انگريزن جي آمد، ڪلهوڙن جي دور ۾ انگريزن جا سنڌ سان تعلقات، سنڌ ۾ ٽالپر دور، نيپيئر جي سنڌ ۾ آمد، مياڻي ۽ دٻي جون جنگيون، ميرن جي دور ۾ سـنـڌ جـي اقتـصـادي حـالـت، صـنعـت، تجـارت، تعليمي ۽ فوجـي حالت بيان ڪئي وئي آهي. ٻئي باب ۾ سنڌ جو بمبئيءَ سان لاڳاپو ڏيکاريو ويو آهي. ٽئين باب ۾ 1857ع جي جنگ آزادي ۽ ان جو سنڌ تي اثر ڏيکاريو ويو آهي. چوٿين باب ۾ سنڌ جي سياسي پارٽين، سنڌ سڀا، سنڌ محمدن ائسوسيئيشن، سنڌ هندو سڀا، سيتاگرهه سڀا، سنڌ آزاد پارٽي، سنڌ مسلم ليگ، آل انڊيا نيشنل ڪانگريس، سوديشي تحريڪ، سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جي مخالفت، سنڌ جميعة العلماء، سنڌ خاڪسار تحريڪ، سنڌ پيپلز پارٽي، سنڌ اتحاد پارٽي، سنڌ مسلم پوليٽڪل پارٽي ۽ سنڌ مسلم جماعت جو بيان آهي. باب پنجين ۾ حر تحريڪ (پهرين ۽ ٻي حر تحريڪ) پير پاڳارن جي خاندان، پير پاڳارن جي جدوجهد ۽ ساڻن انگريزن جي روين، حر تحريڪ ۾ عورتن جي ڪردار، حرن تي سرڪاري سختين، مارشل لا پير صبغت الله جي شهادت جو تفصيل ڏنل آهي. باب ڇهين ۾ ريشمي رومال تحريڪ، ديوبند ۽ مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي جدوجهد جو بيان آهي. باب ستين ۾ خلافت ڪاميٽي جي قيام، سنڌ ۾ خلافت تحريڪ، تحريڪ عدم تعاون، هجرت تحريڪ، امن سڀا ۽ خلافت جي خاتمي تائين جو تفصيل ڏنو ويو آهي. باب اٺين ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگي ۽ ان جي اثرن، جدوجهد رئيس غلام محمد ڀرڳڙي،شيخ عبدالمجيد سنڌي، خلافت ڪاميٽي، انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ، آل انڊيا نيشنل ڪانگريس کان وٺي سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ تائين جو ذڪر موجود آهي. نائين باب ۾ مسلم ليگ جي تاريخ کان وٺي سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان جي ٺهراءُ تائين جي تاريخ بيان ڪئي وئي آهي.
ڊيمي سائيز جي 804 صفحن واري پڪي جلد سان هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي ۽ سوجهرو پبليڪيشن ڪراچيءَ نومبر 2003ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


لفظ سنڌ جي سياسي تاريخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو